SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ِزمرن- اَي اِي زِمَرَن


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ِزمرن- اَي اِي زِمَرَن

Zummerin. A.E

ِزمرن- اَي اِي زِمَرَن

بين الاقوامي لاڳاپن واري علم جي بانيڪارن مان هڪ عالم، جنهن 1919ع ۾ ويلز يونيورسٽِيءَ ۾ ’وُوڊرو ولسن چيئر‘ جي پهرئين سربراهه طور انتظام سنڀاليو. هن عالم جي ڪوششن ۽ ’گلبرٽ مري‘ ۽ ’لووز ڊڪنسن‘ نالي عالمن جي سهڪار سان، بين الاقوامي لاڳاپن جي مضمون جي علمي تدريس شروع ٿي. عالمي سياست جي فڪري مطالعي جي حوالي سان قائم ٿيل، دُنيا جو هيءُ پهريون ادارو هو. دُنيا ۾ امن جي خواهشمند ”ليگ آف نيشنس“ جي حمايتي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي شاهي اداري جي بُنيادي ميمبر طور به ِزمرن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سندس سرواڻيءَ ۾ لنڊن، جنيوا ۽ آمريڪا ۾ به بين الاقوامي لاڳاپن جي جُدا مضمون طور سُڃاڻپ ٿي.ِ’ زِمرن‘ عالمي سياست ۾ قانون جي برتريءَ جو وڏو پرچارڪ هُئو ۽ ان لاءِ دُنيا ۾ اُڌم مچائڻ (Hue And Cry) کي جائز قرار ڏيندو هو. هو اهو پهريون عالم هو، جنهن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ عالمي سياست ۾ آمريڪا جي اهم ڪردار جي اڳڪٿي ڪئي هئي


Remember Me Also:

سڪا ساوا ٿيڻ

ڏتڙيل جو آسودو ٿيڻ ، بي وسيلن کي وسيلو هٿ اچڻ ، ظلم جي بدران انصاف جاري ٿيڻ ، مظلومن کي انصاف ملڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal